گمبٽ (ويب ڊيسڪ) گمبٽ ۾ خيرپور جي ڇٽي چوڪ وٽ مبينا طور بااثر ماڻهن رڪشا تي حملو ڪري عورت کي زخمي ڪري وڌو.
زخمي ٿيل رابعه، زال عباس جسڪاڻي، کي ڪهاڙين جا وار ڪري سخت زخمي ڪيو ويو جنهن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
زخمي عورت جو الزام آهي ته زاهد جسڪاڻي، سندس زال حسينا، ارشد، راشد، وسيم ۽ شهزاد مبينا طور حملي ۾ ملوث آهن.
عورت اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي مبينا جوابدارن جي گرفتاري ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.


