گمبٽ (رپورٽر) فيض گنج جي علائقي جلالجي ڀرسان 3 ڏينهن اڳ پراسرار طور گم ٿيل 8 سالا نينگر سرفراز جو لاش ڪپهه جي گودام مان هٿ آيو آهي.
اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نينگر جو لاش تحويل ۾ وٺي فيض گنج اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتي ضروري ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
نينگر جو لاش ملڻ جي خبر گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.


