الاسڪا (ويب ڊيسڪ) بيرنگ سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ کانپوءِ 15 سالا ڊيرڪ پارڪر اگنانگا برفاني سمنڊ ۾ 62 ڪلاڪ گذاري موت کي مات ڏئي ڇڏي، جڏهن ته حادثي ۾ سندس وڏو ڀاءُ ۽ سئوٽ فوت ٿي ويا.
رپورٽن موجب 5 سيپٽمبر تي الاسڪا ويجهو مڇي مارڻ واري ننڍڙي ٻيڙي اوچتو اونڌي ٿي وئي، جنهن سبب ٻيڙي ۾ سوار ماڻهو سمنڊ ۾ ڪري پيا. ڊيرڪ پنهنجي ڀاءُ ۽ سئوٽ جي لاشن کي ڊگهي وقت تائين پڪڙي رکيو ته جيئن اهي سامونڊي لهرن ۾ لڙهي نه وڃن، پر تيز وهڪرن سبب کيس آخرڪار انهن کان ڌار ٿيڻو پيو.
آمريڪي ڪوسٽ گارڊ موجب 7 سيپٽمبر تي اونڌي ٿيل ٻيڙي جو پتو لڳايو ويو، جنهن کانپوءِ ويجهو موجود سامونڊي جهاز ڊيرڪ کي بچائي ورتو.
ريسڪيو وقت هو پاڻي جي کوٽ ۽ هائپوٿرميا ۾ مبتلا هو، جنهن کي هيليڪاپٽر ذريعي طبي مرڪز منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ڀاءُ ۽ سئوٽ جا لاش پڻ هٿ ڪيا ويا.


