Focus with Zardari

10 رپين جو نوٽ بند ٿيڻ بابت افواهن تي اسٽيٽ بئنڪ جي وضاحت

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) 10 رپين جي ڪرنسي نوٽ بند ٿيڻ ۽ ان جي مٽاسٽا لاءِ آخري تاريخ مقرر ٿيڻ بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن تي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وضاحت جاري ڪري ڇڏي آهي.

اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان موجب 10 رپين جو نوٽ فوري طور تي بند ڪرڻ يا ان جي مٽاسٽا لاءِ ڪا آخري تاريخ مقرر ڪرڻ جو فيصلو نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ اهڙيون رپورٽون بي بنياد آهن.

ترجمان جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ بئنڪ نئين ڪرنسي نوٽن جي سيريز متعارف ڪرائڻ جي تجويز ڏني آهي، پر اها تجويز هن وقت وفاقي ڪابينا وٽ غور هيٺ آهي.

اسٽيٽ بئنڪ واضح ڪيو آهي ته هن وقت ڪنهن به ماليت جي ڪرنسي نوٽ کي بند يا تبديل ڪرڻ جو حتمي فيصلو ناهي ٿيو.

- Advertisement -

ياد رهي ته آگسٽ ۾ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ دوران اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر ٻڌايو هو ته مستقبل ۾ نئين ڪرنسي نوٽن جي سيريز جاري ٿيڻ تي 10 رپين جي ڪاغذي نوٽ جي جاءِ تي 10 رپين جو سڪو آڻڻ جي تجويز آهي. ان جو هڪ سبب 10 رپين جي نوٽ جي ڇپائي جي وڌندڙ لاڳت ٻڌايو ويو هو.

اسٽيٽ بئنڪ موجب جيڪڏهن مستقبل ۾ ڪنهن نوٽ کي بند ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو ته عوام کي نوٽ تبديل ڪرائڻ لاءِ مناسب وقت ڏنو ويندو ۽ ان بابت سرڪاري ذريعي باقاعده اطلاع جاري ڪيو ويندو.

مرڪزي بئنڪ عوام کي هدايت ڪئي آهي ته ڪرنسي نوٽن بابت ڪنهن به تبديلي جي تصديق لاءِ صرف اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي سرڪاري اطلاعن تي ڀروسو ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment