Focus with Zardari

ڪراچي: سرجاڻي ٽائون ۾ ماءُ ۽ ٽن ٻارن جي قتل جو جوابدار مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

2 Min Read

ڪراچي (ويب نيوز) ڪراچي جي علائقي سرجاڻي ٽائون ۾ عورت ۽ سندس ٽن ٻارن جي قتل جو جوابدار پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويو، جڏهن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ پوليس آفيسر به زخمي ٿي پيو.

ايس ايس پي اوڀر طارق الاهي مستوئي موجب، پوليس جوابدار کي قتل ۾ استعمال ٿيل اوزار سريو هٿ ڪرڻ لاءِ سندس نشاندهي تي واقعي واري هنڌ وٺي وئي هئي.،پوليس اهلڪار سريو ڳولي رهيا هئا ته جوابدار مبينا طور هڪ اهلڪار جو پسٽل کسي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.

پوليس موجب، جوابدار فرار ٿيڻ دوران کنيل پسٽل سان فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ نعمان شيخ زخمي ٿي پيو. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدار محمد همايون خان مارجي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار وٽان اهلڪار کان کسيل پسٽل هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته سندس نشاندهي تي قتل ۾ استعمال ٿيل سريو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، لاش کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

- Advertisement -

واضح رهي ته محمد همايون خان مقتول عورت جي نڻان جو مڙس هو ۽ کيس تدفين کانپوءِ عورت جي گهر مان گرفتار ڪيو ويو هو.

ان کان اڳ ڊي آءِ جي ويسٽ عرفان بلوچ دعويٰ ڪئي هئي ته جوابدار مبينا طور عورت سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي عورت ۽ سندس ننڍڙي ڌيءَ کي قتل ڪيو، جڏهن ته مدرسي مان واپس ايندڙ ٻن ٻارن کي به مبينا طور ان ڪري قتل ڪيو ويو ته جيئن اهي ڪنهن کي واقعي بابت ٻڌائي نه سگهن.

پوليس موجب، جوابدار واقعي کي ڦر جو رنگ ڏيڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي هئي.

Share This Article
Leave a Comment