Focus with Zardari

خيرپور: ڳوٺ تي پوليس چڙهائي، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد، ڦرلٽ ۽ 5 نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ جا الزام

1 Min Read

خيرپور (شڪيل جانوري) خيرپور ڀرسان ڳوٺ واحد بخش رند تي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس چڙهائي ڪري سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران پوليس تي عورتن ۽ ٻارڙن تي مبينا تشدد، گهرن مان ڦرلٽ ۽ 5 نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ جا الزام هنيو ويو آهي.

ڳوٺاڻن موجب پوليس جي وڏي نفري ڳوٺ تي چڙهائي ڪري گهرن جي تلاشي ورتي، جنهن دوران عورتن ۽ ٻارڙن کي مبينا طور تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

پوليس چڙهائي خلاف عورتن احتجاج ڪندي گلزار، فهميده، فوزيه ۽ ٻين چيو ته مختلف ٿاڻن جي پوليس بناجواز چڙهايون ڪري 5 نوجوانن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته گهرن مان سامان کڻي وئي آهي.

احتجاج ڪندڙ عورتن الزام هنيو ته پوليس بااثر ماڻهن جي چوڻ تي ڪارروائيون ڪري رهي آهي.

- Advertisement -

ڳوٺاڻن ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته پوليس چڙهائين جو نوٽيس وٺي، کنڀي گم ڪيل نوجوانن کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي ۽ ڳوٺاڻن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment