گمبٽ(ممتاز ميمڻ) حويلي پاڙي ۾ ڏينهن ڏٺي جو مبينا ڦر جو واقعو پيش آيو، جتي هڪ ڦورو عورت کان موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويو.
واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون اچي وئي آهي، عورت بيوٽي پارلر ڏانهن وڃي رهي هئي ته مبينا طور هڪ ڦورو کانئس موبائل فون کسي فرار ٿي ويو.
مقامي رهواسين موجب ڪجهه وقت اڳ به ساڳئي محلي ۾ هٿيارن جي زور تي هڪ عورت کان ڦر ڪئي وئي هئي، جنهن سبب علائقي ۾ عورتن جي تحفظ بابت خدشا وڌي ويا آهن.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڦورو کلي عام وارداتون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پوليس امن امان برقرار رکڻ ۽ شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي.
متاثر عورت ۽ پاڙي واسين مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي مبينا جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ڦريل موبائل فون ۽ روڪ رقم واپس ڪرائي وڃي.


