Focus with Zardari

نوشهرو فيروز ويجهو جوابدار زال کي قتل ڪري ڇڏيو، پاڻ به آپگهات جي ڪوشش ۾ زخمي

1 Min Read

نوشهروفيروز (رپورٽر) پڊعيدن لڳ ڳوٺ دريا خان جمرجو راڄپر ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي شفيق احمد راڄپر مبينا طور پنهنجي گهرواري مسمات نواب زادي تي پسٽل سان فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي کانپوءِ شفيق احمد راڄپر پاڻ تي به فائر ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ تي پڊعيدن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي شفيق احمد کان واقعي بابت بيان پڻ ورتو.

پوليس ۽ ڳوٺاڻن زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ۽ تفتيش جاري آهي، جڏهن ته وڌيڪ تفصيل جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سامهون اچڻ جو امڪان آهي.

- Advertisement -

Share This Article
Leave a Comment