نوشهروفيروز (رپورٽر) ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ شادي خان عالماڻي ۾ مبينا قتل ٿيل قائد عوام يونيورسٽي جي شاگرد عاقب عالماڻي جي وارثن يونيورسٽي انتظاميا ۽ چيف سيڪيورٽي انچارج خلاف احتجاج ڪيو.
وارثن حاڪم عالماڻي، ذوالفقار عالماڻي، الله وسايو عالماڻي ۽ جان محمد عالماڻي چيو ته عاقب کي اشفاق بروهي ۽ سندس ساٿين مبينا طور بيدردي سان قتل ڪيو، جڏهن ته اشفاق بروهي تي عاقب کي بليڪ ميل ڪري آئي فون ۽ 20 هزار رپيا وٺڻ جو الزام پڻ لڳايو ويو.
وارثن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته يونيورسٽي انتظاميا ۽ چيف سيڪيورٽي انچارج عطا الله چانڊيو کي به قتل جي جاچ ۾ شامل ڪري شفاف جاچ ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.


