Focus with Zardari

ڪوٽڏيجي: رولو ڪتن جو آزار، اسڪول کان واپسي تي 7 ورهين جي نينگري زخمي

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ ڪريم بخش سونيو ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، اسڪول کان واپسي تي 7 ورهين جي نينگري رابيه سونيو تي رولو ڪتن حملو ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو.

رولو ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب زخمي ٿيل نينگري کي وارثن علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته واقعي خلاف نينگري جي ڀاءُ پاران انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته انتظاميا رولو ڪتن خلاف فوري ڪارروائي ڪري شهرين کي تحفظ فراهم ڪري، ٻي صورت ۾ وڌيڪ جاني نقصان جو خدشو آهي.

Share This Article
Leave a Comment