Focus with Zardari

ايران کي مڪمل تباهه ڪيان يا نه؟ وڏو فيصلو ڪندس: ڊونلڊ ٽرمپ

4 Min Read

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ )  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران بابت آمريڪا کي هڪ وڏو فيصلو ڪرڻو آهي، جنهن ۾ اهو طئي ڪرڻو پوندو ته ايران کي سخت فوجي ڪارروائي ذريعي تباهه ڪيو وڃي يا کيس ٻيهر سنڀلڻ جو موقعو ڏنو وڃي.

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا اڄ ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طاقتور آهي، ملڪ اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ آمريڪا جو مستقبل اڳ کان وڌيڪ روشن آهي.

ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته هن وقت دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ آمريڪا ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ٿي رهي آهي، جڏهن ته آمريڪي فوج دنيا جي طاقتور ترين فوج آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا جون سرحدون اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محفوظ آهن ۽ ملڪ ۾ ڏوهن، خاص طور قتل جي وارداتن جي شرح، ڊگهي عرصي جي گهٽ ترين سطح تي آهي.

آمريڪي صدر چيو ته ڪيترن ماڻهن امن جون ڳالهيون ڪيون، پر هن امن قائم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا. سندس دعويٰ موجب آمريڪا ۾ غربت جي شرح پڻ رڪارڊ سطح تائين گهٽجي وئي آهي.

- Advertisement -

ايران بابت ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته ايران ماضي ۾ وچ اوڀر ۾ ”بدمعاشي“ ڪندو رهيو، پر هاڻي ائين ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. هن واضح ڪيو ته ايران کي ڪنهن به صورت ۾ ايٽمي هٿيار رکڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ الزام لڳايو ته تهران عالمي سطح تي دهشتگردي کي هٿي ڏيندو رهيو آهي.

ٽرمپ چيو ته هن ايران سان معاهدو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تهران انڪار ڪيو. سندس بقول ايران جي حڪمرانن جو رويو ان ڪري خراب ناهي ته اهي طاقتور آهن، پر ان ڪري آهي ته اهي ڪمزور ٿي چڪا آهن.

آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته ايران جي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي ۽ ملڪ ۾ مهانگائي 300 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. 300 سيڪڙو مهانگائي بابت ٽرمپ اڳ به اهڙي دعويٰ ڪري چڪو آهي، تنهنڪري اها ڳالهه سندس دعويٰ طور پيش ڪئي پئي وڃي.

ٽرمپ وڌيڪ چيو ته کيس يقين آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ايندڙ مڊٽرم چونڊن کانپوءِ معاهدو ٿي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته ايران شايد اهو ڏسڻ چاهي ٿو ته مڊٽرم چونڊن ۾ سندس سياسي حيثيت ڪهڙي رهي ٿي، جڏهن ته هو پاڻ مڊٽرم چونڊن ۾ اميدوار ناهي.

آبنائي هرمز بابت ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪي بحريه اتي کان هڪ ارب بيرل تيل جي روانگي کي يقيني بڻايو آهي. آگسٽ ۾ وائيٽ هائوس پڻ دعويٰ ڪئي هئي ته آمريڪي تحفظ هيٺ لڳ ڀڳ 1,500 تجارتي جهاز آبنائي هرمز مان گذريا ۽ تقريبن 750 ملين بيرل خام تيل منتقل ٿيو.

- Advertisement -

ٽرمپ پنهنجي خطاب دوران پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ ختم ڪرائڻ ۾ پنهنجي ڪردار جو پڻ ذڪر ڪيو.

ان کان علاوه آمريڪي صدر بين الاقوامي فوجداري عدالت، آءِ سي سي، تي سخت تنقيد ڪندي سمورن ملڪن کي اپيل ڪئي ته هو عدالت مان نڪري وڃن. ٽرمپ چيو ته آمريڪا پنهنجي فوجي اهلڪارن کي ڪنهن به ”آمريڪا مخالف ٽربيونل“ ۾ نام نهاد ۽ نمائشي مقدمن کي منهن ڏيڻ جي اجازت نه ڏيندو.

هن گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن کي مخاطب ٿيندي مطالبو ڪيو ته اهي آءِ سي سي مان باضابطه طور الڳ ٿي وڃن.

- Advertisement -

ٽرمپ جو خطاب اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، جڏهن ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٻيهر سفارتي ڳالهين جا امڪان پڻ ظاهر ٿي رهيا آهن.

Share This Article
Leave a Comment