Focus with Zardari

خيرپور ضلعي جي مختلف پوليس پڪٽن تان هٽايل 211 اهلڪار ٿاڻن تي مقرر

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) خيرپور ضلعي جي مختلف پوليس پڪٽن تان هٽايل 211 پوليس اهلڪارن کي ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن ڊي آءِ جي سکر ناصر آفتاب پٺاڻ پاران جاري ڪيو ويو.

نوٽيفڪيشن موجب اهلڪارن کي اي سيڪشن، بي سيڪشن، شاهه لطيف، شاهه حسين، پير ڳوٺ، ٻٻرلوءِ، سوڀوديرو، گمبٽ، راڻيپور، سوراهه، ڪوٽڏيجي، ڪنب، پريالوءِ سميت ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي مقرر ڪيو ويو آهي.

پوليس ذريعن موجب خيرپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي نفري جي کوٽ بابت شڪايتن کانپوءِ ڊي آءِ جي سکر پاران پڪٽن تي مقرر اهلڪارن کي پوليس لائن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جنهن بعد 211 اهلڪارن کي مختلف ٿاڻن تي مقرر ڪيو ويو.

Share This Article
Leave a Comment