تلهار (رپورٽ: صابر حسين لغاري) تلهار ويجهو ماڻڪ واهه مان نڪرندڙ جمالي شاخ مان 40 سالا شادي شده نوجوان غلام رسول لاشاري جو لاش هٿ آيو آهي. غلام رسول لاشاري ٻن ٻارن جو پيءُ هو.
وارثن موجب غلام رسول لاشاري گذريل ڏينهن کان گم هو، جنهن بعد اڄ سندس لاش جمالي شاخ مان هٿ آيو. واقعي جي اطلاع ملڻ تي تلهار پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش شاخ مان ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو.
تلهار اسپتال ۾ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. غلام رسول لاشاري جي موت جو ڪارڻ في الحال معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته سندس والد محمد خان لاشاري جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد موت جو سبب معلوم ٿيندو.
تلهار پوليس موجب واقعي جي اڃا تائين ايف آءِ آر داخل ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.


