گمبٽ (رپورٽر) فيض گنج ۾ ڏوهارين جي مبينا وارداتن سبب شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو آهي، پڪا چانگ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ مٺو خان چانگ ۾ مبينا هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي ڦر ڪئي.
گهر ڌڻين موجب 8 مبينا هٿياربند جوابدار لياقت عرف ناچو ماڙيچو جي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ هٿيارن جي زور تي گهر ڀاتين کي مبينا طور تشدد جو نشانو بڻايو. جوابدار گهر مان اڌ ڪلو چاندي، نياڻي جو ڏاج، 6 هزار رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا.
واقعي بابت موقف وٺڻ لاءِ ايس ايڇ او پڪا چانگ بشير ڀيو سان فون ذريعي رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر متاثر ڌر موجب فون ڪال وصول نه ڪئي وئي.
متاثر خاندان اعليٰ پوليس اختيارين کان واقعي جو نوٽيس وٺي مبينا جوابدارن جي سڃاڻپ، قانوني ڪارروائي ۽ ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.


