Focus with Zardari

گمبٽ: ڊرٻ ميهرشاهه چوڪي جي انچارج خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) ٽنڊو مستي ڀرسان ڊرٻ ميهرشاهه پوليس چوڪي جي انچارج خلاف ڳوٺ مهر اڄڻ جي رهواسين احتجاج ڪيو، ڳوٺاڻن پاران پوليس تي مبينا طور بناجواز چڙهائي ۽ عورتن سان بدسلوڪي جا الزام لڳايا ويا آهن.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پوليس جي مبينا چڙهائي دوران عورتن سان بدسلوڪي ۽ تشدد ڪيو ويو، جڏهن ته گهرن مان سامان کڻي وڃڻ جا پڻ الزام آهن. احتجاج ڪندڙن موجب گهرن جا مرد ڪراچي ۾ مزدوري لاءِ ويل آهن، جنهن جو فائدو وٺندي پوليس مبينا طور گهرن تي چڙهائي ڪري کين هراسان ڪري رهي آهي ۽ رشوت ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي.

متاثر ڳوٺاڻن ايس ايس پي خيرپور، ڊي آءِ جي سکر ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي ڊرٻ ميهرشاهه چوڪي جي انچارج کي هٽايو وڃي، الزامن جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment