ملير (رپورٽر) شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي پوليس موجب شاهه لطيف سيڪٽر 16-A، درخشان شادي هال ڀرسان ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري شهري سعيد نواز ولد محمد نواز کي قتل ۽ منير ولد ولي کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار مبينا پوليس مقابلي دوران زخمي ٿيڻ بعد فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب واقعي ۾ ملوث جوابدار راول ولد غلام سرور کي گرفتار ڪيو ويو هو. گرفتاري کانپوءِ عوام پاران مارڪٽ سبب لاڪ اپ ۾ جوابدار طبيعت خراب ٿيڻ جي شڪايت ڪئي، جنهن بعد کيس وڌيڪ طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته فاسٽ يونيورسٽي ڀرسان اسپتال منتقلي دوران جوابدار پوليس ڪانسٽيبل سليم تنولي جو پسٽل کسي فائرنگ ڪندي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران ڪانسٽيبل سليم تنولي زخمي ٿي پيو. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدار راول پڻ زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب زخمي جوابدار کي ٻيهر گرفتار ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران هو فوت ٿي ويو، جڏهن ته زخمي پوليس اهلڪار سليم تنولي کي پڻ طبي امداد ڏني پئي وڃي.


