Focus with Zardari

حيدرآباد: چانورن جو واپاري گوليون هڻي قتل، لاش ڪار مان هٿ

2 Min Read

حيدرآباد (ذاڪر لغاري) ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد ۾ اڻسڃاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ٿاڻي بولا خان واسي چانورن جي واپاري کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جو لاش قبرستان ڀرسان بيٺل ڪار مان هٿ آيو.

مقتول جي سڃاڻپ 38 ورهين جي نريش ڪمار پٽ ايسر داس طور ٿي آهي، جيڪو اصل ۾ ٿاڻي بولا خان جو رهواسي هو، پر ڪجهه عرصي کان حيدرآباد جي حسين آباد واري علائقي ۾ رهائش پذير ۽ چانورن جو واپار ڪندو هو.

پوليس موجب نريش ڪمار کي چيلهه ۽ پيٽ ۾ 5  گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جنهن بعد سندس لاش ڪار ۾ رکي ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد ۾ تنوير سلطان واري علائقي ۾ قبرستان ڀرسان اڇلايو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار ڪافي دير تائين هڪ ئي هنڌ بيٺل رهي، جنهن تي علائقي واسين کي شڪ ٿيو ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي ڪار مان لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو.

- Advertisement -

پوليس موجب مقتول کي پنج گوليون لڳل آهن، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان فوري طور گولين جا خول يا ٻيا اهم ثبوت هٿ نه آيا آهن.

پوليس شڪ ظاهر ڪيو آهي ته نريش ڪمار کي ڪنهن ٻئي هنڌ قتل ڪرڻ بعد سندس لاش ڪار ۾ رکي هتي آندو ويو ۽ قبرستان ڀرسان ڇڏي فرار ٿي ويا.

پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment