Focus with Zardari

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ پنهنجا نوازي خلاف شاگرد ايڪشن ڪميٽي جو احتجاج، 9 آڪٽوبر تي لانگ مارچ جو اعلان

1 Min Read

حيدرآباد (ذاڪر لغاري) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ پنهنجا نوازي ۽ ميرٽ لتاڙ خلاف شاگرد ايڪشن ڪميٽي پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي وئي، جنهن ۾ ذبيح الله مستوئي، فخر زمان، ايڊووڪيٽ اسرار چانگ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پريس ڪانفرنس دوران اميدوارن چيو ته هنن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تحت سي سي اي 2024ع جو امتحان ڏنو، پر نتيجن ۾ مبينا ڦيرڦار ۽ ميرٽ جي لتاڙ سبب حقيقي اميدوارن کي متاثر ڪيو ويو آهي.

اميدوارن جو چوڻ هو ته هو گذريل 65 ڏينهن کان لاڳيتو احتجاجي ڪيمپ لڳائي ويٺل آهن، پر اڃا تائين سندن جائز مطالبن تي عمل ناهي ڪيو ويو.

هنن الزام هنيو ته وڏيرن، چوڌرين ۽ سياستدانن جي ٻارن کي مبينا طور ڪامياب ڪرايو وڃي ٿو، جڏهن ته ميرٽ تي پورو لهندڙ اميدوارن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو.

- Advertisement -

اميدوارن اعلان ڪيو ته مطالبن جي مڃتا لاءِ 9 آڪٽوبر تي حيدرآباد کان ڪراچي وزيراعليٰ هائوس تائين لانگ مارچ ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪراچي پهچڻ بعد ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.

شاگرد ايڪشن ڪميٽي مطالبو ڪيو ته سي سي اي 2024ع جا نتيجا ڪالعدم قرار ڏئي معاملي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment