سينيئر صحافي ۽ تجزئي نگار شير محمد کهاوڙ انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي کي پوليس ٻڌايو آهي ته سنڌ اندر 9 مهينن دوران 1100 ماڻهو قتل ٿيا آهن، هن اهڙو انڪشاف سنڌ وائيس جي پروگرام سنڌ افيئر ۾ ڳالهائيندي ڪيو.
سينيئر صحافي ۽ تجزئي نگار شير محمد کهاوڙ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بابت سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته جيستائين ماڻهن کي انصاف نه ملندو، تيستائين مسئلن جو حل ممڪن ناهي.
هن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي امن امان بابت ڪميٽي جي اجلاس ۾ پوليس طرفان پيش ڪيل رپورٽ موجب 9 مهينن دوران 1100 ماڻهو قتل ٿيا آهن. هن چيو ته ان جو مطلب آهي ته سراسري طور هر مهيني لڳ ڀڳ 120 ماڻهو ۽ هر ڏينهن 4 ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن، يعني لڳ ڀڳ هر 6 ڪلاڪن ۾ هڪ ماڻهو قتل ٿي رهيو آهي.
هن سوال اٿاريو ته 1100 ماڻهو قتل ٿيڻ باوجود 11 ڄڻن کي به ڦاهي نه آئي ته پوءِ امن امان ڪيئن بهتر ٿيندو؟ سندس چوڻ هو ته امن امان حڪومت ۽ پوليس جي ترجيح نظر نٿو اچي.
شير محمد کهاوڙ واهه ۾ نانگ جي ڏنگڻ سبب نوجوان جي فوت ٿيڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته نوجوان کي اسپتال کڻي وڃڻ باوجود نانگ جي زهر کان بچاءَ واري انجيڪشن نه ملي سگهي، جنهن سبب سندس حياتي بچائي نه سگهجي. هن ان صورتحال کي حڪمرانن جي ترجيحن سان ڳنڍيندي سوال اٿاريو.
بلاول ڀٽو زرداري پاران سنڌ جي وڏ وزارت سنڀالڻ بابت سوال تي شير محمد کهاوڙ چيو ته اصل سوال اهو آهي ته سنڌ ۾ هلندڙ سسٽم ڪير ختم ڪندو، ڇاڪاڻ ته نظام پارٽي جي بينر هيٺ ۽ مالڪن جي مرضي سان هلن ٿا.
هن چيو ته بلاول ڀٽو ايم اين اي جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ايم پي اي بڻجي پوءِ وڏو وزير ٿئي، اهو ممڪن نه آهي، هو پرڏيهي وزير رهيو آهي ۽ سندس خواب وزيراعظم ٿيڻ آهي.
شير محمد کهاوڙ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي امن امان ڪنهن به حڪومت جي ترجيح ناهي رهي، جيڪا افسوسناڪ ڳالهه آهي.
هن لاڙڪاڻي ۾ پيش آيل فائرنگ جي واقعن جو ذڪر ڪندي چيو ته بينظير ڀٽو جي شهر لاڙڪاڻي جي وچ ۾ فلمي منظر وانگر فائرنگ ٿيندي رهي ۽ پوليس نظر نه آئي.
شير محمد کهاوڙ چيو ته جيڪڏهن ماڻهن جا گهر ڊاهيا وڃن ٿا ته پوءِ مايون ۽ ٻار ڪيڏانهن ويندا؟ جن ماڻهن ظلم ڪيو آهي، انهن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.


