راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) راولپنڊي ۾ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير سان آمريڪي افغانستان وار ڪميشن جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران افغانستان ۾ آمريڪا جي 20 سالن واري مصروفيت، علائقائي سيڪيورٽي ۽ پاڪستان جي ڪردار تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي افغانستان وار ڪميشن جو وفد ڪو چيئرمين شميلا اين چوڌري ۽ ڊاڪٽر ڪولن ايف جيڪسن جي اڳواڻي ۾ جنرل هيڊڪوارٽرز راولپنڊي پهتو، جتي وفد فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران پاڪستان جي افغانستان جنگ ۾ سهڪار، علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀراين سميت ڪميشن جي ڪم سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير افغانستان ۾ ڊگهي جنگ دوران پاڪستان کي پيش آيل چئلينجز ۽ ان جنگ جي سيڪيورٽي صورتحال تي پاڪستان جو نقطه نظر آمريڪي وفد سان شيئر ڪيو.
عاصم منير زور ڏنو ته افغانستان جنگ جي اسٽريٽجڪ، سفارتي ۽ آپريشنل رخن جو جائزو وٺندي علائقائي نقطه نظر ۽ پاڪستان جي تجربي کي به شامل ڪيو وڃي.
آمريڪي افغانستان وار ڪميشن آمريڪا جي افغانستان ۾ 20 سالن واري فوجي ۽ سفارتي مصروفيت جو جائزو وٺي رهي آهي. آمريڪي فوج آگسٽ 2021ع ۾ افغانستان مان نڪري وئي هئي، جنهن سان ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل جنگ جو خاتمو ٿيو.
ملاقات بابت آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آمريڪي وفد افغانستان جنگ دوران پاڪستان جي ڊگهي مدي واري ڪردار ۽ قربانين کي تسليم ڪيو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪردار کي ساراهيو.


