Focus with Zardari

سکر: خانپور مهر جو صحافي عظيم سيال 48 ڪلاڪن بعد بازياب

1 Min Read

سکر/گهوٽڪي/اوٻاوڙو (نمائندن وٽان) خانپور مهر سان تعلق رکندڙ صحافي عظيم سيال کي اغوا ٿيڻ کان اٽڪل 48 ڪلاڪن بعد شڪارپور جي علائقي مان بازياب ڪرايو ويو.

پوليس عملدارن موجب عظيم سيال کي ڌاڙيلن شڪارپور جي ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڇڏي ڏنو، جتان پوليس کيس بازياب ڪرايو. وارثن پڻ صحافي جي بازيابي جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته شڪارپور پوليس سندس بازيابي کانپوءِ تصوير پڻ جاري ڪئي.

صحافي عظيم سيال کي ٻه ڏينهن اڳ خانپور مهر ڀرسان اغوا ڪيو ويو هو. سندس ڪرولا ڪار سکر ضلعي جي سڌوجا ٿاڻي جي حد ۾ ڪچي واري علائقي گدپور مان هٿ آئي هئي.

اغوا ڪندڙ ڪٽو ڪرسي گينگ وارثن کان عظيم سيال جي آزادي لاءِ 1 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو. صحافي جي بازيابي لاءِ سکر، گهوٽڪي ۽ شڪارپور پوليس پاران گدپور واري علائقي ۾ آپريشن ڪيو ويو.

- Advertisement -

ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران پڻ صحافي عظيم سيال جي شڪارپور جي علائقي مان بازيابي جي تصديق ڪئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment