خيرپور (رپورٽر) ڳوٺ ملنگ منگريو جي رهواسين اسڪول ۾ استادن ۽ مناسب بلڊنگ جي سهولت نه هجڻ خلاف ڊي اي او آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڌرڻي جي اڳواڻي راشد منگريو، عدنان منگريو ۽ ذوالفقار منگريو ڪئي.
مظاهرين چيو ته ڳوٺ جو اسڪول ڪيترن ئي سالن کان بلڊنگ ۽ استادن جي سهولت کان محروم آهي، جنهن سبب علائقي جا ٻار تعليم جي بنيادي حق کان محروم آهن. هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾ فوري طور استاد مقرر ڪري مناسب بلڊنگ فراهم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو.


