Focus with Zardari

حيدرآباد: چوري جي شڪ ۾ 14 ورهين جي ٻار کي بجلي جي پول سان ٻڌي مبينا تشدد

1 Min Read

حيدرآباد (رپورٽ: ذاڪر لغاري) حيدرآباد ۾ چوري جي شڪ ۾ 14 ورهين جي ٻار کي سرِعام بجلي جي پول سان ٻڌي مبينا تشدد جو واقعو سامهون آيو آهي.

وائرل ٿيل وڊيو ۾ ٻار کي ٿنڀي سان ٻڌل ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته هڪ شخص مبينا طور ٻار تي تشدد ڪري رهيو آهي.

واقعي تي سوال اٿاريا ويا آهن ته جيڪڏهن ٻار تي چوري جو الزام هو ته کيس پوليس حوالي ڪرڻ بدران مبينا طور تشدد ڪرڻ جي اجازت ڪنهن ڏني؟ ٻار خلاف الزام درست آهي يا نه، ان جو فيصلو جاچ ۽ قانوني طريقيڪار تحت ٿيڻ گهرجي.

واقعي جو نوٽيس وٺي ٻار تي مبينا تشدد ڪندڙ شخص جي سڃاڻپ ڪري قانون موجب ڪارروائي ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment