Focus with Zardari

ڪشمور: امين آباد ڳوٺ جو اسڪول زبون حال، استاد پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻارن کي پڙهائڻ تي مجبور

1 Min Read

ڪشمور (رپورٽ: مرتضيٰ مزاري) ڪشمور جي ڳوٺ امين آباد ۾ قائم سرڪاري اسڪول جي عمارت ڊيميج ۽ زبون حالي جو شڪار بڻجي وئي آهي، جنهن سبب اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي.

اسڪول جي عمارت جي حالت خراب هجڻ ڪري استاد پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻارن کي پرائيويٽ جاءِ تي ويهاري تعليم ڏيڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته اسڪول ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، واش روم، بينچن ۽ فرنيچر جون سهولتون پڻ موجود ناهن.

ان کان علاوه اسڪول ۾ ڪتابن ۽ ٻين ضروري تعليمي سامان جي کوٽ سبب شاگردن کي تعليمي سرگرمين ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. استادن جو چوڻ آهي ته محدود وسيلن باوجود ٻارن جي تعليم جو سلسلو جاري رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

ڳوٺاڻن تعليم کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول جي زبون حال عمارت جي فوري مرمت يا نئين عمارت تعمير ڪرائي، پيئڻ جو صاف پاڻي، واش روم، بينچون، ڪتاب ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment