Focus with Zardari

سنڌ جي پنجن ڊويزنل هيڊڪوارٽرز لاءِ هڪ ارب ڊالرن جو شهري ترقياتي پروگرام شروع ڪرڻ جي تياري

2 Min Read

منيلا (ويب نيوز) سکر جي ميئر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ موسمياتي تبديليءَ جي اثرن کي منهن ڏيڻ، شهري بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ ۽ بلدياتي خدمتن جي فراهمي لاءِ وڏا منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن.

منيلا ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيل ڪلائميٽ ايڊاپٽيشن انويسٽمينٽ پلاننگ فورم ۾ مهمان اسپيڪر طور ڳالهائيندي بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو ته شديد گرمي، ٻوڏ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سبب عوامي زندگي، روزگار ۽ شهري سهولتون متاثر ٿي رهيون آهن، تنهنڪري موسمياتي خطرن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ضروري آهي.

هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان سنڌ سيڪنڊري سٽيز امپروومنٽ اينڊ انويسٽمينٽ پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت سنڌ جي پنجن ڊويزنل هيڊڪوارٽرز سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ تقريباً 1 ارب آمريڪي ڊالر، يعني لڳ ڀڳ 278 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي.

بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ موجب پروگرام ۾ صاف پيئڻ جي پاڻي، سيوريج ۽ گندي پاڻي جي بهتر انتظام، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ، جديد لينڊ فل سائيٽن، وڻڪاري ۽ شهري ٻيلن، موسمياتي تبديليءَ کان محفوظ انفراسٽرڪچر ۽ جديد ماسٽر پلانز تي ڪم ڪيو ويندو.

- Advertisement -

هن چيو ته منصوبو رڳو انفراسٽرڪچر تائين محدود نه هوندو، پر شهرن جي معاشي صلاحيت وڌائڻ، نوجوانن، عورتن ۽ ڪمزور طبقن لاءِ روزگار ۽ معاشي موقعا پيدا ڪرڻ تي پڻ ڌيان ڏنو ويندو.

ميئر سکر ٻڌايو ته منصوبي لاءِ پروجيڪٽ ريڊينيس فنانسنگ بابت دستاويزي عمل تقريباً مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ جلد ان جي منظوري جاري ٿيڻ جي اميد آهي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت منصوبن ذريعي بلدياتي ادارن لاءِ مستقل آمدني جا ذريعا پيدا ڪرڻ ۽ ميونسپل ڪارپوريشنز کي مالي طور وڌيڪ خودمختيار بڻائڻ جو پڻ منصوبو آهي.

فورم جي موقعي تي بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ نيپال جي مدهيش صوبي جي وڏي وزير ڪرشنا پرساد يادَو سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ نيپال ۾ تازين ٻوڏن سبب جاني نقصان تي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment