ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) هِر وائيسيرا (HER-VOICERA) پاران 10 آڪٽوبر تي عالمي ذهني صحت جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڄامشوري ۾ آگاهي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ نفسياتي ماهرن، تعليمي شخصيتن ۽ سماجي ڪارڪنن ٻارن جي تربيت، نوجوانن جي ذهني دٻاءَ، نفسياتي صدمن ۽ صحتمند سماجي روين جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
مقررن زور ڏنو ته ذهني صحت بابت شعور وڌائڻ ۽ نفسياتي مسئلن کي منهن ڏيندڙ ماڻهن سان همدرديءَ وارو رويو اختيار ڪرڻ ضروري آهي. تقريب جي ميزباني هِر وائيسيرا جي چيئرپرسن طاهره جويو ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر محمود مغل چيو ته صحت جو مطلب رڳو جسماني بيمارين کان پاڪ هجڻ ناهي، پر ان ۾ ذهني، سماجي، ماحولياتي ۽ معاشي ڀلائي پڻ شامل آهي. سندس چوڻ هو ته صحت جا اهي سڀئي پهلو هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن ۽ فرد جي مجموعي زندگيءَ تي اثر وجهن ٿا. هن ٻارن جي شخصيت سازيءَ ۾ والدين، استادن، دوستن ۽ سماجي ماحول جي ڪردار کي اهم قرار ڏيندي چيو ته ٻارن کي ٻين جي سامهون ذليل ڪرڻ ۽ سندن ڀيٽ ڪرڻ سان سندن اعتماد ۽ شخصيت تي ناڪاري اثر پئجي سگهي ٿو.
علي اظهار چيو ته ٻارن جي بهتر تربيت لاءِ مادي سهولتن سان گڏ والدين جو وقت، محبت، توجهه ۽ جذباتي سهارو پڻ ضروري آهي. ٻارن جي ٻين سان ڀيٽ ڪرڻ ۽ مٿن غيرضروري دٻاءُ وجهڻ سان سندن خوداعتمادي ۽ ذهني سڪون متاثر ٿي سگهي ٿو. ڪلينڪل سائيڪالوجسٽ عرفان احمد چيو ته تعليمي مقابلي، بيروزگاري، مستقبل بابت غيريقيني صورتحال ۽ اڪيلائپ نوجوانن جي ذهني صحت تي اثرانداز ٿين ٿا. هن نوجوانن جا مسئلا ڌيان سان ٻڌڻ، سندن حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ ضرورت پوڻ تي ماهر نفسيات کان مدد وٺڻ جي اهميت تي زور ڏنو.
ڊاڪٽر پير اسد عزيز نفسياتي صدمن بابت ڳالهائيندي چيو ته ڏکين تجربن کي هر ماڻهو مختلف انداز سان منهن ڏئي ٿو، تنهنڪري متاثر ماڻهن سان همدردي ۽ سمجهه سان پيش اچڻ گهرجي.
پروگرام ۾ راڳ، رقص ۽ صوفي موسيقيءَ تي ٻڌل پرفارمنس پيش ڪيون ويون، جڏهن ته ڳائڻي جانب سومرو پڻ شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي ذهني صحت کي گڏيل سماجي ذميواري قرار ڏيندي ٻارن ۽ نوجوانن جي بهتر تربيت، مثبت لاڳاپن ۽ نفسياتي مسئلن بابت شعور وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.


