اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) خيبر پختونخوا جي امن امان ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي صدرِ مملڪت جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اجلاس شروع ٿي ويو.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ وزيراعظم، اهم وفاقي وزيرن ۽ سيڪيورٽي اختيارين سميت پ پ اڳواڻ نويد قمر ۽ شيري رحمان به شريڪ آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ قومي سلامتي جي ادارن جي رپورٽن جو جائزو ورتو پيو وڃي، جڏهن ته ضم ٿيل ضلعن سميت خيبر پختونخوا جي 12 ضلعن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي تجويز تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي.
اجلاس ۾ صوبي جي عوام جي تحفظ لاءِ وفاق جا اهم اختيار استعمال ڪرڻ ۽ آئين جي آرٽيڪل 232 کان 234 تحت مختلف آپشنز تي به غور ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ خيبر پختونخوا بابت اهم فيصلن جي منظوري ڏني وڃڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف، گورنر خيبر پختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي صوبي جي امن امان ۽ سيڪيورٽي صورتحال بابت رپورٽ موڪلي آهي، جنهن جو اجلاس ۾ جائزو ورتو پيو وڃي.