اسلام آباد: وفاقي حڪومت خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جڏهن ته ان جي منظوري سڀاڻي وفاقي ڪابينا کان وٺڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، ايمرجنسي جي نفاذ جي توثيق لاءِ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جا اجلاس پڻ طلب ڪيا ويا آهن.
ان کان اڳ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ ايوانِ صدر ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ايوانِ صدر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وزيراعظم جو سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ ۽ وفاقي وزير احد چيمه وزيراعظم جي معاونت ڪئي.
جڏهن ته سينيٽر شيري رحمان، نويد قمر، سليم مانڊوي والا ۽ ڊاڪٽر عاصم صدر آصف علي زرداري جي معاونت ڪئي.
ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته اڱاري، 13 آڪٽوبر تي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا الڳ الڳ اجلاس طلب ڪيا ويندا.
ان کان اڳ ذريعن جو چوڻ هو ته ايوانِ صدر ۾ خيبر پختونخوا جي صورتحال بابت ٿيل اجلاس ۾ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاران صوبي جي امن امان ۽ سيڪيورٽي صورتحال بابت موڪليل رپورٽ جو جائزو ورتو ويو.


