Focus with Zardari

ٽانڪ ۾ ڊي جي اليڪشن ڪميشن شمشاد اختر فائرنگ ۾ شهيد

1 Min Read

ٽانڪ ( ويب ڊيسڪ ) خيبر پختونخوا جي ضلعي ٽانڪ ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اليڪشن ڪميشن جا ڊائريڪٽر جنرل شمشاد اختر شهيد ٿي ويو.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، شمشاد اختر هڪ ديانتدار، شريف النفس ۽ فرض شناس آفيسر هئا. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته شهيد آفيسر سان ڪا ذاتي دشمني نه هئي ۽ واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ جو نتيجو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن، سيڪريٽري ۽ ٻين ملازمن واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيد جي وارثن سان تعزيت ڪئي آهي.

اليڪشن ڪميشن مطالبو ڪيو آهي ته سرڪاري ملازمن کي دهشتگردي جي واقعن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment