Focus with Zardari

گمبٽ: پيرجوڳوٺ ڀرسان فائرنگ ۾ 5 سالا نينگر قتل، ماءُ زخمي، وارثن جو احتجاج

2 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) پيرجوڳوٺ ڀرسان ڳوٺ رانجهنپور ملاڻا ۾ رات دير سان مبينا ڏوهارين جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل 5 سالا نينگر زبير احمد ملاڻو جي وارثن عورتن ۽ مردن نساءَ خاتون، مسمات ستارا خاتون، ارشاد علي ملاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته گذريل رات 10 کان وڌيڪ هٿياربند سندن گهرن اڳيان گذري رهيا هئا، جن پوليس اهلڪارن کي ڏسي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ماءُ جي هنج ۾ ستل معصوم زبير احمد گولين جو بک بڻجي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس ماءُ صنم خاتون سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو.

وارثن الزام لڳايو ته پوليس اهلڪار هٿياربندن سان مقابلو ڪرڻ بدران لڪي ويهي رهيا ۽ هٿياربند سرعام فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. هنن چيو ته هو انتهائي غريب آهن ۽ نينگر جي تدفين توڙي زخمي عورت جي علاج جا خرچ برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نينگر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن مالي مدد ڪئي وڃي، زخمي عورت جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ۽ ڳوٺ ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment