Focus with Zardari

ملتان: رحمان بابا ايڪسپريس جون 14 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، 5 مسافر فوت، 30 زخمي

1 Min Read

ملتان (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کان پشاور ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس کي ملتان ۾ شير شاهه پل ويجهو حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرين جون 14 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون. حادثي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 مسافر فوت ۽ 30 زخمي ٿي پيا.

حادثي کانپوءِ ريسڪيو ٽيمن امدادي ڪارروايون شروع ڪري زخمين کي نشتر اسپتال ملتان منتقل ڪيو. اختيارين موجب حادثي جا ڪارڻ اڃا تائين سامهون نه اچي سگهيا آهن.

وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ حادثي جي جاچ جي هدايت ڪئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment