Focus with Zardari

تلهار: روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا، ٻيو زخمي ڪراچي ريفر

1 Min Read

تلهار (رپورٽ: صابر حسين لغاري) تلهار ويجهو مين ٽنڊوباگو-تلهار روڊ تي چانري اسٽاپ وٽ گذريل رات دير سان نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل نوجوان زبير احمد ميمڻ جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارث ڳوٺ کڻائي ويا، جڏهن ته حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان شعيب ميمڻ جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس حيدرآباد مان ڪراچي ريفر ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته حادثي ۾ موٽرسائيڪل سوار زبير احمد ميمڻ ٿڏي تي فوت ٿي ويو هو، جڏهن ته شعيب ميمڻ سخت زخمي ٿي پيو هو. ٻنهي کي تلهار اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان زخمي کي پهرين حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو. تلهار پوليس واقعي جي رپورٽ داخل ڪري ڇڏي آهي.

Share This Article
Leave a Comment