Focus with Zardari

سکرسالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ڪمپني جي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

1 Min Read

سکر(عبدالغفور شيخ) سکر ۾ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ڪمپني جي ملازمن ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ ۽ مبينا ناانصافين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

ايم ٽي ڊرائيورن ۽ مزدورن احتجاج ڪندي چيو ته ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب سندن گهريلو نظام متاثر ٿي ويو آهي، روزاني خرچن ۽ ٻارن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي.

ملازمن جو چوڻ هو ته پنهنجا فرض ادا ڪرڻ باوجود کين پگهارن کان محروم رکيو ويو آهي، جنهن سبب هو مالي مشڪلاتن ۽ ذهني پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن ڪمپني انتظاميا ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندن التوا ۾ پيل پگهارون فوري جاري ڪري ملازمن جا ٻيا مسئلا به حل ڪيا وڃن.

- Advertisement -

احتجاج ۾ ولي محمد، غلام فريد، قربان، امداد، غلام حسين، مختيار، شعبان ۽ گل حسن سميت ڪمپني جي ٻين ملازمن شرڪت ڪئي.

Share This Article
Leave a Comment