Focus with Zardari

حيدرآباد: حسنين زرداري فوتگي ڪيس ۾ 27 ڊاڪٽرن جي حفاظتي ضمانت منظور

1 Min Read

حيدرآباد (ذاڪر لغاري) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ نوجوان حسنين زرداري جي سول اسپتال حيدرآباد ۾ علاج دوران فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ 27 ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.

جسٽس عمر سيال جي عدالت ڊاڪٽرن جي 15 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪندي هر هڪ کي 20 هزار رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

27 ڊاڪٽرن پنهنجي وڪيل معرفت گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو هو.

ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي هيٺين عدالت 27 ڊاڪٽرن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا ۽ مارڪيٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

- Advertisement -

حسنين زرداري وڪيل عامر لطف زرداري جو پٽ هو. سندس فوت ٿيڻ واري واقعي بابت مبينا طبي غفلت جو ڪيس داخل ٿيل آهي.

Share This Article
Leave a Comment