Focus with Zardari

نوان جتوئي ويجهو شادي جي تقريب ۾ فائرنگ، نوجوان قتل

1 Min Read

نوشهروفيروز(محمد عادل عباسي) نوان جتوئي ڀرسان مٺو کوسو ٿاڻي جي علائقي اندر شادي جي تقريب دوران نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿي ويو.

مقتول جو لاش پوليس جي نگرانيءَ ۾ سول اسپتال مورو منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.

مقتول جي وارثن موجب، ذاڪر حسين پٽ واحد بخش ٻرڙو شادي جي تقريب دوران جهنگ واري پاسي ويو هو، جتان ڪجهه دير بعد فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. واقعي واري هنڌ پهچڻ تي نوجوان گولين لڳڻ سبب زخمي حالت ۾ پيل هو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڏنو.

هوڏانهن مٺو کوسو ٿاڻي جي ايس ايڇ او ذوالفقار علي ڀنڀرو جو چوڻ هو ته ، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. پوليس خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته واقعو ڪنهن پراڻي دشمنيءَ جو نتيجو ٿي سگهي ٿو.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment