گمبٽ (رپورٽر) پير عبدالقادر شاهه جيلاني گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (گمس) جي انتظاميا ڪارڊيالاجي کاتي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر نياز حسين عباسي جو سروس ڪانٽريڪٽ ختم ڪري ڇڏيو.
اداري پاران جاري ڪيل سرڪاري نوٽيفڪيشن موجب ڊاڪٽر نياز حسين عباسي تي الزام آهي ته هن گمس ۾ سروس ڪانٽريڪٽ تي ملازم هجڻ باوجود اداري جي اجازت (اين او سي) کان سواءِ ڪنهن ٻئي اداري يا تنظيم ۾ نوڪري اختيار ڪئي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪانٽريڪٽ جي شرطن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اختيارين 21 آڪٽوبر 2026ع کان سندس سروس ڪانٽريڪٽ ختم ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر نياز عباسي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي قبضي ۾ موجود سمورو سرڪاري رڪارڊ، سامان ۽ دستاويز لاڳاپيل آفيسر حوالي ڪري ڪليئرنس جو عمل مڪمل ڪري، جنهن کانپوءِ سندس پگهار ۽ ٻين رهتن بابت فيصلو ڪيو ويندو.


