Focus with Zardari
اهم خبرون

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ مبينا غيرقانوني ڀرتين وارو معاملو، هائر ايجوڪيشن ڪميشن جاچ شروع ڪري ڇڏي

2 Min Read

اسلام آباد/خيرپور (رپورٽر) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ مبينا غيرقانوني ڀرتين واري معاملي جي جاچ لاءِ هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. ڪميٽي نيب سکر پاران موڪليل معاملي جو جائزو وٺندي ۽ ٻن مهينن اندر جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪندي.

ايڇ اي سي جي ڪوآرڊينيشن ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، شيخ زيد ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ لاهور جي اڳوڻي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر فريد احمد خان کي ڪميٽي جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ ايڇ اي سي اسلام آباد جو پروفيسر ڊاڪٽر شفيق الرحمان، سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جو نمائندو ۽ ايڇ اي سي جو ڊائريڪٽر ايڇ آر سيد عاصم حسين شاهه شامل آهن.

ڪميٽي يونيورسٽي جي لاڳاپيل رڪارڊ، قاعدن ۽ پاليسين جو جائزو وٺڻ سان گڏ معاملي سان لاڳاپيل ڌرين کان پڻ معلومات حاصل ڪندي. ڪميٽي کي ٻن مهينن اندر سفارشون ۽ اڳتي جي حڪمت عمليءَ تي ٻڌل رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ نيب سکر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ مبينا غيرقانوني ڀرتين بابت ايڇ اي سي ۽ سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل اختيارين کي خط لکي ڪارروائي جي سفارش ڪئي هئي. نيب جي خط ۾ اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو سميت ٻين ذميوارن بابت جاچ ۽ کاتي واري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو هو.

- Advertisement -

نيب جي خط ۾ الزام لڳايو ويو هو ته يونيورسٽي ۾ مبينا طور ڀرتين جا اشتهار نه ڏيڻ، سليڪشن ڪميٽين جي جوڙجڪ، لکت واري ٽيسٽ، ميرٽ ۽ ڪوٽا جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. لاڳاپيل اختيارين کان ٽن مهينن اندر ڪارروائي بابت رپورٽ پڻ طلب ڪئي وئي هئي.

ياد رهي ته يونيورسٽي ۾ مبينا غيرقانوني ڀرتين جا الزام اڃا ثابت نه ٿيا آهن، جڏهن ته تازو ئي اداري ۾ 1184 مبينا جعلي ڊگرين جو معاملو پڻ سامهون آيو هو.

Share This Article
Leave a Comment