نسيم شاه فيلڊنگ دوران زخمي، هاڻي ڪهڙي حالت ۾ آهي؟

1 Min Read

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه گوڏن جي انجري جو شڪار ٿي ويو آهي

پي ايس ايل 11 ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ خلاف ميچ دوران راولپنڊيز جو فاسٽ بالر نسيم شاهه فيلڊنگ ڪندي زخمي ٿيو.

نسيم شاهه ميچ ۾ رڳو 2 اوورز ئي هلائي سگهيو، جنهن کانپوءِ هو ميدان کان ٻاهر هليو ويو

راولپنڊيز جي ميڊيا مينيجر موجب، فيلڊنگ دوران نسيم شاهه جي گوڏي ۾ ڌڪ لڳو، ميڊيڪل ٽيم سندس معائنو ڪري رهي آهي ۽ وڌيڪ اپڊيٽ مناسب وقت تي جاري ڪئي ويندي.

واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي نئين سيزن ۾ شامل ٿيندڙ راولپنڊيز ايونٽ ۾ رڳو هڪ ميچ کٽي چڪي آهي.

Share This Article
Leave a Comment