واشنگٽن/تهران/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) جي حتمي متن تي اتفاق ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي صدرن ان تي اليڪٽرانڪ صحيحون پڻ ڪري ڇڏيون آهن.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب معاهدي جو حتمي متن طئي ٿي چڪو آهي، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ايران سان ڊيل نه ٿئي ها ته هرمز لنگهه نه کلي سگهي ها.
هن چيو ته جيڪڏهن ٻين ملڪن وٽ بيلسٽڪ ميزائل رکڻ جو حق آهي ته ايران کي به اهو حق حاصل هجڻ گهرجي.
ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ انهن حلقن تي تنقيد ڪندي چيو ته هڪ بيوقوف قوم چوندي رهي ته ايران تي بمباري جاري رکو.
هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل معاهدو فوري طور لاڳو ٿيندو، جنهن تحت هرمز لنگهه ٻيهر عام جهازن جي اچ وڃ لاءِ کوليو ويندو ۽ آمريڪا پنهنجي سامونڊي ناڪابندي ختم ڪري ڇڏيندو.
معاهدي کانپوءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽجڻ ۽ عالمي واپار، خاص طور تي تيل جي فراهمي ۾ بهتري جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي تي اليڪٽرانڪ صحيحون ٿي ويون
Leave a Comment Leave a Comment

