سوئٽزرلينڊ/پيرس (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جو پهريون وفد سوئٽزرلينڊ پهچي ويو آهي.
ذريعن موجب وفد جي اڳواڻي پرڏيهي سيڪريٽري آمنا بلوچ ڪري رهي آهي، جڏهن ته چيف آف پروٽوڪول ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ تقريب واري هنڌ برجن اسٽاڪ ريزورٽ پهچي ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ پاڪستاني وفد شام سوئٽزرلينڊ روانو ٿيندو.
وفد ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ وفاقي وزير عطا تارڙ پڻ شامل هوندا.
قطر، سعودي عرب، مصر، ترڪيا ۽ ٻين علائقائي ملڪن جا اهم نمائندا به تقريب ۾ شرڪت ڪندا.
هوڏانهن فرانس ۾ جي-7 اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته قطر ۽ سعودي عرب به ان عمل ۾ نمايان حصو ورتو.
ٽرمپ چيو ته هو معاهدي جي ڪاميابي لاءِ پاڪستان ۽ قطر جا ٿورائتا آهن، ٻنهي ملڪن سخت محنت ڪئي ۽ سفارتي سطح تي اهم سهڪار فراهم ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ايران جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام ۽ خطي ۾ سرگرم گروهن بابت به جلد ڳالهيون شروع ڪيون وينديون.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته ايران جي جوهري مواد بابت فني ڳالهين جي شروعات جلد ڪئي ويندي ۽ ايران کي جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ عالمي امن لاءِ اهم قدم آهي.
هن لبنان بابت اسرائيل کي به وڌيڪ محتاط حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏني.

آمريڪا-ايران معاهدو: پهريون پاڪستاني وفد سوئٽزرلينڊ پهچي ويو
Leave a Comment Leave a Comment

