حڪومت موٽرسائيڪل سوارن ۽ ٽرانسپورٽرز کي مليل رعايت ختم ڪري ڇڏي

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت موٽرسائيڪل سوارن، عوامي آمدرفت، مال بردار آمدرفت ۽ ننڍن آبادگارن کي ڏني ويندڙ پيٽرول جي سبسڊي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ٻارڻ جي رعايت بابت قومي رهنمائي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ رعايت ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائي موجب ٻارڻ جي رعايت چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ فراهم ڪئي پئي وئي.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي ۽ ان جو فائدو اڳ ئي واهپيدارن تائين منتقل ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري وزيراعظم جي منظوري سان رعايت ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

فيصلي تحت موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ 800 سي سي تائين گاڏين جي مالڪن کي ملندڙ 50 کان 100 رپيا في ليٽر رعايت ختم ڪئي وئي آهي.

ساڳي ريت عوامي ۽ مال بردار آمدرفت کي ڀاڙا گهٽ رکڻ لاءِ ملندڙ 70 هزار کان هڪ لک رپيا ماهوار رعايت به بند ڪئي وئي آهي.

ان کان علاوه ننڍن آبادگارن کي ڊيزل تي ڏني ويندڙ 100 رپيا في ليٽر رعايت پڻ ختم ڪئي وئي آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته رعايت جي خاتمي سان آمدرفت، زراعت ۽ روزاني استعمال جي شين جي قيمتن تي اثر پئجي سگهي ٿو، جڏهن ته حڪومت جو موقف آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب رعايت جي ضرورت باقي نه رهي آهي.

Share This Article
Leave a Comment