نوشهرو فيروز (رپورٽ: محمد عادل عباسي) پڊعيدن ڀرسان ريلوي لائين وٽ افسوسناڪ حادثي ۾ 13 ورهين جو نينگر ٽرين هيٺان اچي فوت ٿي ويو.
لوڪوشيڊ ڪالوني واسي ڪرن پٽ بنجارو مل ريلوي لائين ڀرسان ٻڪريون چاريندي پاڪ بزنس ايڪسپريس ٽرين جي هيٺان اچي ويو، جنهن سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.
واقعي جي اطلاع تي علائقي واسي ۽ لاڳاپيل اختيارين موقعي تي پهچي ضروري ڪارروائي ڪئي، جنهن بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. حادثي کان پوءِ علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي.


