ملير (رپورٽر) ملير جي ابراهيم حيدري ٿاڻي جي حد ۾ ملڪيت جي تڪرار تان پٽ پنهنجي ويجهي دوست هٿان سڳي پيءُ کي قتل ڪرائي ڇڏيو، جڏهن ته واقعي کي ڦر دوران قتل جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ملير پوليس جي ترجمان موجب، ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق جي هدايت تي ايس پي ملير، ڊي ايس پي سُکن ۽ ايس ايڇ او ابراهيم حيدري جي سربراهي ۾ جوڙيل خاص جاچ ٽيمن ٽيڪنيڪل ۽ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي انڌي قتل جو ڪيس حل ڪري ورتو.
جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته مقتول محمد اقبال جو پٽ اعجاز ملڪيت جي لالچ ۾ پنهنجي پيءُ کي مارائڻ چاهي پيو ۽ هن پنهنجي دوست شيراز کي قتل جي سپاري ڏني هئي. پوليس موجب، اعجاز، شيراز کي قتل جي عيوض 15 هزار رپيا روڪ ۽ هڪ آءِ فون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شيراز لالچ ۾ اچي محمد اقبال تي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن اڳ ليبر ڪالوني ۾ گهر اندر ٿيل ان واقعي ۾ محمد اقبال موقعي تي ئي مارجي ويو هو.
پوليس ڪارروائي ڪندي اعجاز پٽ محمد اقبال ۽ سندس دوست شيراز کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدارن وٽان هڪ پسٽل، گوليون، موبائل فون ۽ واردات ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل به هٿ ڪئي وئي آهي.
واقعي جو ڪيس ابراهيم حيدري ٿاڻي تي قلم 302 ۽ 34 تحت داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ جاچ لاءِ انويسٽيگيشن ونگ حوالي ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق قتل جو ڪيس حل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪندڙ پوليس ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي وڌيڪ اثرائتي جاچ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.


