ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگردن لاءِ 20 هزار گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ اسڪالرشپس جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزيراعليٰ هائوس ۾ ٽيڪنالاجي جي واڌاري ۽ نوجوانن کي جديد مهارتن سان ليس ڪرڻ لاءِ ٿيل تقريب دوران وڏي وزير، سنڌ ڪابينا ۽ سينيئر سرڪاري آفيسرن لاءِ دنيا جي جديد آرٽيفيشل انٽيليجنس ماڊل گوگل جمنائي بابت تربيتي سيشن جي صدارت ڪئي، جڏهن ته گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيشن پروگرام 2026ع جو به باضابطا افتتاح ڪيو.
ان موقعي تي وڏي وزير اعلان ڪيو ته صوبي جي سڀني سرڪاري يونيورسٽين جي شاگردن کي 20 هزار گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ اسڪالرشپس فراهم ڪيون وينديون. هي پروگرام گوگل ۽ ٽيڪ ويلي پاڪستان جي سهڪار سان شروع ڪيو ويو آهي.
تقريب دوران سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کاتي، سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ٽيڪ ويلي پاڪستان وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي به صحيحون ڪيون ويون.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٽيڪنالاجي سماجن جي ڪم ڪرڻ جي انداز کي تبديل ڪري رهي آهي ۽ سنڌ حڪومت جو عزم آهي ته سرڪاري ۽ عوامي ٻنهي سطحن تي ڊجيٽل مهارتن کي هٿي ڏني وڃي. سندس چوڻ هو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس پيچيده انتظامي معاملن کي آسان بڻائڻ ۽ بهتر پاليسي سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، پر قيادت، احتساب ۽ عوامي اعتماد جي ذميواري هميشه چونڊيل نمائندن ۽ سرڪاري ادارن تي رهندي.
وڏي وزير موجب، اسڪالرشپس تحت شاگردن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس، سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا اينالٽڪس ۽ ٻين جديد شعبن ۾ عالمي معيار جي تربيت ڏني ويندي.
هن چيو ته هي رڳو تعليمي پروگرام نه، پر سنڌ جي نوجوانن لاءِ روزگار، ڪاروبار ۽ ڊجيٽل معيشت ۾ نون موقعن جي شروعات آهي.


