دادو (اي بي خشڪ) تعلقي ميهڙ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀاءُ هٿان قتل ٿيل ڳورهاري عورت وارو معاملو جرڳي ذريعي نبيرو ويو، جرڳي ۾ الزام هيٺ آيل ڌر تي هڪ ڪروڙ 20 لک رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.
اطلاعن موجب، مقامي وڏيري قمر سولنگي جي سربراهي ۾ ٿيل جرڳي دوران ٻنهي ڌرين فيصلي تي راضپو ظاهر ڪيو. فيصلو ڪيو ويو ته ڏنڊ جي رقم ٽن مهينن اندر ادا ڪئي ويندي.
جرڳي ۾ مارجي ويل عورت صفيه ڏيپر جو مڙس اسلم ڏيپر شريڪ ٿيو جڏهن ته الزام هيٺ آيل ڌر مارجي ويل عورت جو ڀاءُ حاڪم محرم ۽ ٻيا لاڳاپيل ماڻهو پڻ موجود هئا.
ياد رهي ته ٻه هفتا اڳ ميهڙ شهر جي ذوالفقار ڪالوني ۾ غيرت جي نالي تي ڳورهاري عورت کي قتل ڪيو ويو هو.
پوليس موجب، ڪيس جو مک جوابدار، مارجي ويل عورت جو ڀاءُ دلبر ڏيپر گرفتار ٿي چڪو آهي ۽ واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.
هوڏانهن، انساني حقن جي مختلف تنظيمن جرڳي ذريعي اهڙي نوعيت جي قتل ڪيس جو فيصلو ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته غيرت جي نالي تي قتل وارن ڪيسن ۾ فيصلو ڪرڻ جو اختيار رڳو رياستي ادارن ۽ عدالتن وٽ آهي.
تنظيمن مطالبو ڪيو آهي ته جرڳي جي قانوني حيثيت جو جائزو ورتو وڃي ۽ مقتول عورت کي قانون موجب انصاف فراهم ڪيو وڃي.


