شهيدن جي بيحرمتي برداشت نه ڪنداسين، قومي ٻڌي وقت جي ضرورت آهي: طاهر اشرفي

1 Min Read

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته شهيدن ۽ سندن وارثن جي بيحرمتي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، پاڪ فوج جا جوان وطن جي دفاع ۽ شهادت جي جذبي سان پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن.

ڪراچي ۾ قومي پيغامِ امن ڪميٽي جي پريس ڪانفرنس دوران وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان گڏ خطاب ڪندي هن چيو ته دهشتگرد ملڪ ۽ امن جا دشمن آهن، جڏهن ته قومي ادارن جو احترام ۽ سندن حوصلا افزائي هر پاڪستاني جي ذميواري آهي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مذهبي اڳواڻ قومي اتحاد، امن ۽ رواداري کي هٿي ڏين، جڏهن ته شهيدن جون قربانيون قوم جو قيمتي اثاثو آهن.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، جتي محبت، ڀائيچاري ۽ رواداري جو درس ڏنو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ملڪ ۾ امن، اتحاد ۽ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ قومي پيغامِ امن ڪميٽي سان مڪمل سهڪار جاري رکندي.

Share This Article
Leave a Comment