اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت سرڪاري يونيورسٽين ۾ ڀرتين بابت اهم فيصلو ٻڌائيندي ڪراچي يونيورسٽي جي اپيل منظور ڪري ورتي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
عدالت ڪراچي يونيورسٽي جي سليڪشن بورڊ جون سفارشون ۽ يونيورسٽي سينڊيڪيٽ جو فيصلو به بحال ڪري ڇڏيو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رڳو جانبداري جي الزامن جي بنياد تي ڀرتين واري عمل کي غيرقانوني قرار نٿو ڏئي سگهجي، جڏهن ته رڪارڊ تي اهڙو ڪو ثبوت موجود ناهي جنهن سان مقررين کي غيرقانوني ثابت ڪري سگهجي.
وفاقي آئيني عدالت واضح ڪيو ته سليڪشن بورڊ ميرٽ ۽ اهليت جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ جو مجاز ادارو آهي ۽ واضح قانوني ڀڃڪڙي کانسواءِ عدالت انتظامي فيصلن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي.
عدالت وڌيڪ چيو ته هر ناڪام اميدوار جي اعتراض تي عدالتي مداخلت سان يونيورسٽين جي خودمختياري متاثر ٿيندي، تنهن ڪري آئيني عدالتون يونيورسٽين جي انتظامي فيصلن لاءِ اپيلٽ فورم نٿيون بڻجي سگهن.


