گمبٽ: (ممتاز ميمڻ) چانڊيا ڳوٺ جي رهواسڻ 15 ورهين جي نينگري سپنا چانڊيو مبينا طور روهڙي ڪينال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي.
اطلاع ملندي ئي اسسٽنٽ ڪمشنر گمبٽ ريسڪيو 1122 جي ٽوٻن کي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته پوليس پڻ واقعي واري هنڌ پهچي وئي.
پوليس موجب سپنا چانڊيو جي اهڙو قدم کڻڻ جو ڪارڻ اڃا معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته وارثن به ان بابت ڪجهه نه ٻڌايو آهي.
ريسڪيو 1122 جي عملي ۽ مقامي ٽوٻن پاران ڪينال ۾ ٻن ڪلاڪن کان لاش جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.


