گمبٽ: (ممتاز ميمڻ) ڪوٽڏيجي جي علائقي نارو ڍورو ۾ ست ورهين جي معصوم نياڻي کي ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ پوليس جوابدار پيءُ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب، جوابدار غلام نبي (غلام علي) ڊوگر گذريل رات پنهنجي نياڻي فاطمه کي قتل ڪري واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو هو. پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب ٻارن جي ٿيل جهيڙي کانپوءِ جوابدار مخالف ڌر کي ڦاسائڻ جي ارادي سان پنهنجي نياڻي کي قتل ڪيو. جوابدار جي قبضي مان واقعي ۾ استعمال ٿيل بليڊ پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.
پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته معصوم نياڻي جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي کانپوءِ ڪوٽڏيجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته گرفتار جوابدار کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.


