تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران آمريڪا جي تازن حملن ۾ 50 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي اسلام آباد معاهدو معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ايراني صحت واري وزارت جي ترجمان حسين ڪرمان پور موجب 6 جولاءِ کان پوءِ آمريڪي حملن ۾ هينئر تائين 50 ڄڻا فوت ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.
ترجمان جو چوڻ آهي ته فوت ٿيلن ۾ 5 عورتون ۽ 18 ورهين کان گهٽ عمر جا 2 ٻار ۽ نوجوان شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ 32 عورتون ۽ 18 نوجوان پڻ شامل آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 37 زخمي اڃا تائين اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.
ٻئي طرف ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي اعلان ڪيو آهي ته ايران اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت ڪيل پنهنجن واعدن تي عملدرآمد عارضي طور معطل ڪري ڇڏيو آهي.
فارس نيوز ايجنسي سان ڳالهائيندي هن چيو ته “اسان پنهنجي ذميوارين تي عمل روڪي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي سڄو ڌيان ملڪ جي دفاع تي مرڪوز آهي.”
واضح رهي ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت پاڪستان جي ثالثي ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ طئي ٿي هئي، جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ مستقل امن معاهدي لاءِ ڳالهين جي راهه هموار ڪرڻ هو. پر گذريل هفتي کان بحري جهازن تي حملن، آبنائي هرمز جي ٻيهر بندش ۽ ايران طرفان بحري ناڪابندي ٻيهر شروع ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ ٻيهر شدت اختيار ڪري وئي آهي.


